شفيع احمد ‘اوج’ علوي

شفيع احمد ‘اوج’ علوي

شفيع احمد اوج علوي

شفيع احمد ’اوج‘ علوي: شاعر ۽ نثرنويس شفيع احمد ’اوج‘ ولد درمحمد علوي 14 آڪٽوبر 1921ع تي شڪارپور شھر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم شڪارپور ۽ جيڪب آباد مان حاصل ڪئي. جڏهن ته بي.اي جي ڊگري ڊي. جي سنڌ ڪاليج (1944ع) مان ۽ ايم.اي (1948ع) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي سڌسماءَ واري کاتي ۾ انفارميشن آفيسر مقرر ٿيو. شفيع احمد ’اوج‘ جي ادبي سرگرمين جي شروعات 1939ع ۾ ڪاليج واري زماني کان ٿي. هو شڪارپور جي مشھور شاعرن: فقير غلام علي ’مسرور‘، عبدالوهاب ’ناظم‘، لطف الله بدوي، شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ لعل محمد لعل جي صحبت ۾ رهيو. هن شاعريءَ جي تربيت مشھور شاعر محمد اسلم علويءَ جي پٽ محمد اشرف ’اشرف‘ علوي ۽ مير صفي الله ’فدا‘ کان حاصل ڪئي. سندس ڪلام لاڙڪاڻي جي هفتيوار اخبارالحقيقت‘ ۽ سکر جي ’سنڌ زميندار‘ ۾ شايع ٿيندو هو. ’اوج‘ جي ڪوششن سان 1941ع ڌاري شڪارپور ۾ ’مسلم ادبي سوسائٽي‘ جو بنياد پيو. ساڳئي سال ڪراچيءَ ۾ به هن ’سنڌي ادبي مجلس‘ (تنظيم) قائم ڪئي، جنھن جي پليٽ فارم تان مشاعرا ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيون ويون. ان کان علاوه هو ڪراچي جي مختلف ادبي تنظيمن جو رڪن، عھديدار ۽ ’پاڪستان رائٽرس گلڊ‘ جو به سرگرم رڪن ٿي رهيو. شفيع احمد کي سنڌي، اردو، انگريزي، فارسي ۽ عربي ادب جو تمام گهڻو مطالعو هو. شاعر ۽ نثرنويس جي حيثيت ۾ هن شاهه لطيف ۽ سچل جي فڪر تي ڪيترائي مقالا لکيا. هن سنڌي ادب، شاعري ۽ تاريخ جي مختلف دورن ۽ صنفن تي سنڌيءَ ۽ اردو ۾ به لکيو. سندس لکڻيون ماهوار ’نئين زندگي‘ ۽ ٽماهي ’مھراڻ‘ کان علاوه اطلاعات کاتي جي مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس سمورو ڪلام قلمي صورت ۾ سندس ننڍي ڀاءُ خورشيد احمد علويءَ مرحوم وٽ رهيو. هن 31 آڪٽوبر 1972ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.10.14  عيسوي

شفيع احمد ’اوج’ ولد درمحمد علوي 14 آڪٽوبر 1924ع تي شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو.


1972.10.31  عيسوي

شفيع احمد اوج علوي 31 آڪٽوبر 1972ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنتل
امام علي فقير
منشي ٻالچند
بسنت ڪمار تياڳي رائچنداڻي
حاجي مريد مهيري
حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي
مراد علي ڪاظم شيخ
چتر ڀڄ
حسن درس
ساجد سنڌي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون